انيس انصاري

انيس انصاري

انيس انصاري

انيس انصاري: سنڌ جو يگانو ليکڪ، افسانه نويس، شاعر ۽ محقق، جنھن جو شمار سنڌ جي بھترين ڪھاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. سندس اصل نالو الھه بخش انصاري هو. 26 جولاءِ 1923ع تي مرحوم احمد بخش انصاري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ انيس انصاري والدين جو اڪيلو اولاد هو، ڇو ته سندس پئدائش کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ سندس والد ماجد 25 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. هن شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي جي هڪ ديني مدرسي مان حاصل ڪئي. 1933ع ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو، جتان 1940ع ۾ ميٽرڪ ڪيائين. سندس نوڪري جي شروعات 1943ع ۾ ٿي. انيس انصاري نوڪري جي شروعات ڪلارڪيءَ سان ڪئي ۽ آخر ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي عھدي تان رٽائر ٿيو. هن نوجوانيءَ ۾ ئي لکڻ شروع ڪيو. ماهوار رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ سندس شروعاتي لکڻيون شايع ٿيون، جيڪو ”سنڌ سڌار سوسائٽيءَ“ طرفان 1941ع ۾ جاري ٿيو ۽ 1952ع تائين ڇپجندو رهيو. انيس انصاري اٽڪل سٺ کن ڪھاڻيون ۽ افسانا لکيا، سندس ڪھاڻين جو ڪتاب ”انيس جا افسانا“ ڇپيل آهي. 1988ع ۾ سندس ڪھاڻي ”اڃا نه“ تي سنڌ ثقافت کاتي طرفان ”جمال ابڙو اوارڊ“ ۽ ڏهه هزار رپيا ڏنا ويا. ان کانسواءِ سندس ڪھاڻي ”پينشن“ کي سنڌي ادبي بورڊ سال جي بھترين ڪھاڻي قرار ڏنو، جنھن جو اردو ۽ پنجابيءَ ۾ به ترجمو ٿيو. سنڌي اردو، انگريزي کان سواءِ هندي ۽ گرمکي (لپي) ٻوليءَ تي پڻ دسترس هئس. پاڻ ڪي نظم اردو ۽ هنديءَ ۾ پڻ لکيائين. انيس انصاريءَ کي مڇيءَ جي شڪار، فوٽوگرافي، والي بال، آرٽ ۽ مطالعي سان گهڻو لڳاءُ رهيو. سندس ڪھاڻيون ”چانڊوڪيءَ جو زهر“، ”لاٺي چارج“، ”سج گرهڻ“، ”ردي“ ۽ ٻيون ڪيتريون ڪھاڻيون شاهڪار آهن. هن پنھنجي اولاد کي به ڀرپور وقت ڏئي سندن سٺي پرورش ڪئي، تنھنڪري ئي اڄ سندس لائق فرزند اشتياق انصاري، مشتاق انصاري، اخلاق انصاري، آفاق انصاري ۽ اسحاق انصاري نمايان مقام تي آهن. انيس انصاري 77 سالن جي ڄمار ۾ 2 مارچ 2000ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه لاڙڪاڻي ۾ آهي. انيس انصاري اڪيڊمي، لاڙڪاڻو: انيس انصاري اڪيڊميءَ جو بنياد سال 2000ع ۾، انيس انصاريءَ جي وفات کانپوءِ ترت ئي وڌو ويو. 2001ع ۾ انيس انصاريءَ جي پھرين ورسيءَ جي موقعي تي، انيس اڪيڊميءَ پاران ادبي پروگرام ڪيو ويو، ان بعد اهو سلسلو لڳاتار هلندو رهيو. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي سھڪار سان جون 2008ع ۾، آرٽس فيڪلٽي آڊيٽوريم ۾ پھرين ڪھاڻي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويئي. ٻي ڪھاڻي ڪانفرنس 25 جولاءِ 2009ع تي ممتاز مرزا آڊيٽوريم، سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ٿي، جنھن ۾ ثقافت کاتي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو ڀرپور تعاون رهيو. ان سلسلي ۾ ٽين ڪھاڻي ڪانفرنس 23 جنوري 2010ع تي، سچل اڪيڊمي خيرپور ميرس ۾ ضلعي حڪومت، ثقافت کاتي ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور جي سھڪار سان ٿي. انيس انصاري اڪيڊميءَ پاران ڪرايل ٽنھي ڪھاڻي ڪانفرنسن ۾ پڙهيل مقالن کي ترتيب ڏئي ”سنڌي ڪھاڻي“ جي نالي سان ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو، جيڪو هڪ بھترين دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. انيس انصاري اڪيڊميءَ پاران هر سال مختلف صنفن تي اوارڊ پڻ ڏنا ويندا آهن ۽ نوجوان لکندڙن جي همت افزائي ڪئي ويندي آهي.


لفظ انيس انصاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.07.26  عيسوي

سنڌ جو يگانو ليکڪ، افسانه نويس، شاعر ۽ محقق، جنھن جو شمار سنڌ جي بھترين ڪھاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. سندس اصل نالو الھه بخش انصاري هو. 26 جولاءِ 1923ع تي مرحوم احمد بخش انصاري جي گهر ۾ جنم ورتو.


2000.03.02  عيسوي

انيس انصاري 77 سالن جي ڄمار ۾ 2 مارچ 2000ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀاٽيا وملا پرسرام
علاؤالدين قريشي
سيد اسماعيل شاهه شاهڪپور وارو
احمد خان آصف مصراڻي
شازيه پتافي ڊاڪٽر
ٿامس هينري ونس
علامه رشيد ترابي
جاڙڪ خان
آخوند حاجي دين محمد
اڪبر لغاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون